وزيراعظم عمران خان گڏيل عرب اماراتن جي هڪ ڏينهن جي دوري تي دبئي روانو ٿي ويو

30
0
SHARE

وزيراعظم عمران خان گڏيل عرب اماراتن جي هڪ ڏينهن جي دوري تي دبئي روانو ٿي ويو آهي.

وزيراعظم عمران خان سان گڏيل عرب امارتن جي دوري دوران پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ناڻي وارو وزير اسد عمر، توانائي ، پيٽروليم وارا وزير ۽ واپار وارو صلاحڪار به گڏ آهي.

وزيراعظم عمران خان گڏيل عرب امارتن جي دوري دوران ولي عهد شيخ بن النهيان سان ملاقات ڪندو.

ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن ۽ عالمي معاملن تي ڳالهيون ٿينديون ان کانسواءِ وزيراعظم عمران خان گڏيل عرب امارتن جي نائب صدر ۽ وزيراعظم سان به ملاقاتون ڪندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here