فلاحي رياست وسيلن سان نه پر احساس ۽ رحم سان ٺهندي آهي :وزيراعظم عمران خان

115
0
SHARE

اسلام آباد:وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته فلاحي رياست وسيلن سان نه پر احساس ۽ رحم سان ٺهندي آهي، صوفياڻي تعليم کانپوءِ اسلام جي راهه تي هلڻ شروع ڪيو هو، فلاحي رياست قائم ڪرڻ ۾ منهنجي ايمان آڏو ايندڙ رنڊڪون آهستي آهستي ختم ٿي ويون. وفاقي حڪومت پاران اسلام آباد ۾ ڪوٺايل ٻن ڏينهن واري رحمت العالمين ڪانفرنس ۾ وزيراعظم عمران خان ملڪ سوڌو، سعودي عرب، ايران، عراق ۽ ٻين ملڪن مان آيل مهمانن ۽ علماءِ مشائخ کي خطاب ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته الله انسان کي هڪ مقصد لاءِ پيدا ڪيو ۽ نبي ڪريم صلي الله عليه واله وسلم کي رحمت اللعالمين جو درجو ڏنو ويو. وزيراعظم جو چوڻ هو ته اڄ بل گيٽس ۽ اسٽيو جابز تي لکيل ڪتاب پڙهيا وڃن ته هو ڪئين ڪامياب ٿيا. هن جو چوڻ هو ته کين حضور اڪرم ﷺ جي زندگي جا ڪتاب پڙهڻ کپي، جنهن سڄي دنيا کي تبديل ڪيو. وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته انڊونيشنا ۽ ملائيشا ۾ ڪا فوج نه وئي هئي پر مسلمان واپاري ويا هئا، جن جي ڪردار کان متاثر ماڻهون مسلمان ٿيا، جڏهن ته هندوستان ۾ بزرگن اسلام جو نياپو ڏنو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here