ٽرمپ جي بيان کانپوءِ رڪارڊ ٺيڪ ڪرڻ لاءِ پاڪستان ٽوئيٽ ڪيا :پرڏيهي ترجمان

76
0
SHARE

اسلام آباد:پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تازي بيان کانپوءِ رڪارڊ درست ڪرڻ لاءِ پاڪستان طرفان ٽوئيٽ ڪيا ويا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ميڊيا کي هفتيوار بريفنگ ڏيندي چيو ته پاڪستان القاعده دهشتگردن کي چٿڻ لاءِ آمريڪا سان انٽيليجنس سهڪار ڪيو ۽ هاڻي آمريڪا جي سڌو طالبان سان رابطن کان آگاهه آهيون، جنهن جي آجيان ڪريون ٿا. ڀارتي فوج جي سربراهه طرفان پاڪستان مخالف بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو ته ڀارتي آرمي چيف جي بيان تي ايترو چئون ٿا ته سوچي سمجهي ڳالهائڻ جي ضرورت آهي، ايئن ڀارت طرفان نظر نه اچي رهيو آهي. هن چيو ته ڀارت پاڪستان کي انڊين اوشين نيول سمپوزيم ۾ ڄاڻي واڻي شرڪت جي دعوت نه ڏني، پاڪستان ڀارتي پنجاب جي وڏي وزير جي بيان کي رد ڪري ٿو، ڀارت پنهنجي اندروني مسئلن ۾ پاڪستان جو نالو کڻي اليڪشن ۾ فائدو حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ تازي ڀارتي اڳرائي جي مذمت ڪري ٿو، او آءِ سي طرفان به ڪيل مذمت جي آجيان ڪريون ٿا. هن چيو ته يمن ۾ ٽياڪڙي جو معاملو نهايت حساس آهي پر ان تي ٿورڙي اڳڀرائي ٿي آهي ۽ فلسطيني عوام سان اختيار ڪيل سلوڪ جي مذمت ڪريون ٿا. وزيراعظم جي ملائيشيا جي دوري بابت پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهيون ٿيون آهن ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن تي اتفاق ٿيو آهي. هن چيو ته شهيد ايس پي طاهر داوڙ جي قتل جي مذمت ڪريون ٿا، ان حوالي سان افغانستان کي ڪابه ڄاڻ نه ڏني وئي آهي، پاڪستان ۾ ان حوالي سان جاچ جاري آهي………..

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here