سياستدان ملڪ کي ائٽمي ملڪ بڻائين ٿا ۽ هڪ سياستدان آنن ۽ ڪڪڙ جي ڳالهه ڪري مذاق اڏائي: خورشيد شاهه

45
0
SHARE

پ پ جي سينيئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ۾ اڳوڻي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته سياستدان ملڪ کي ائٽمي ملڪ بڻائين ٿا ۽ هڪ سياستدان آنن ۽ ڪڪڙ جي ڳالهه ڪري ٿو جنهن سان پاڪستان جي مذاق اڏائي وئي.

سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته ڊالر وڌڻ سان قرض وڌي ويو آهي، ڏٺو وڃي ته ڪنهن پاڪستان کي تباهه ڪيو ڪرپشن جو بنياد وڌو، طاقت جي مظاهري سان ڪڏهن معيشت ٺيڪ ناهي ٿيندي اچو گڏجي ويهون، پوءِ ڏسو ڪيئن ملڪ اڳتي وڌي ٿو.

سندس چوڻ هو ته مسئلا پارليامينٽ جي بالادستي سان ئي حل ٿيندا آهن، جيل موڪلي ڇڏيندس، ٽنگي ڇڏيندس، چوڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا.

خورشيد شاهه چيو ته جيڪڏهن ڪو ڪنٽينر لڳائي ته رستو بند ٿي ويندو ، حڪومت چوي ٿي ته اچو ڪنٽينر لڳايو، جيڪڏهن ڪنٽينر لڳائي رستا بند ڪيا ويندا ته ڇا حڪومت هلي سگهندي ؟

پ پ جي سينيئر اڳواڻ چيو ته وزيراعظم اڃا تائين ڪنٽينر تي چڙهيل آهي، وزيراعظم چوي ٿو ته گهر واري بار بار چوي ٿي ته توهان وزيراعظم آهيو، جيڪو شخص پاڻ کي وزيراعظم نه سمجهي ٻيا ماڻهو ڪيئن سمجهندا ؟

خورشيد شاهه وزيراعظم جي تقرير تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو ته سياستدان ملڪ کي ائٽمي طاقت بڻائين ٿا ۽ وفاق کي مضبوط ڪرڻ جا بل منظور ڪن ٿا، جڏهن ته هڪ سياستدان آنن ۽ ڪڪڙ جي ڳالهه ڪري ٿو، ڪڪڙ ۽ آنن جي ڳالهه تي پاڪستان جي مذاق اڏائي وئي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here