لاڙڪاڻي ۾ فقيرن پاران درگاهه چيزل شاهه تي حملي خلاف صوفي راڳ ڳائي احتجاج

86
0
SHARE

لاڙڪاڻي ۾ درگاهه چيزل شاهه تي حملي خلاف تصوف سان واسطو رکندڙ فقرائن ۽ صوفي فقيرن يڪتاري ۽ چپڙي تي صوفي راڳ ڳائي انوکو احتجاج ڪيو، فقير بشير احمد جتوئي، گرو ڪرشن، فقير منور علي ابڙي، محسن علي زنگيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هڻي صوفي راڳ ڳائي احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته درگاهه چيزل شاهه ٿيل حملو انسانيت تي حملو آهي، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي، هنن چيو ته دهشتگردن امن، محبت ۽ ڀائيچاري جو درس ڏيندڙ چيزل شاهه جي درگاهه تي حملو ڪري وحشياڻو عمل ڪيو آهي،  سندن چوڻ هو ته هو هن ڏک جي گهڙي ۾ شهيدن جي وارثن سان گڏ آهن، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته واقعي جي شفاف جاچ ڪري ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪري شهيد ۽ زخمي ٿيلن جي وارثن کي معاوضو ڏئي درگاهه جي سڪيورٽي سخت ڪئي وڃي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here