ملڪ جون حالتون ڳنڀير آهن ۽ اشارن تي نچندڙ ملڪ جون حالتون سنڀالي نه ٿا سگهن:آصف علي زرداري

70
0
SHARE

اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ جي تحريڪ انصاف تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ملڪ جون حالتون ڳنڀير آهن ۽ اشارن تي نچندڙ ملڪ جون حالتون سنڀالي نه ٿا سگهن، عمران خان جي مدد اُهي ڪندا جن کيس آندو آهي،خبر ناهي ته حڪومت کي 18هين ترميم مان ڪهڙي تڪليف آهي، عمران خان سياسي طور تي نابالغ آهي، جي آءِ ٽي بلاول کي نه پر ڀيڻ سوڌو مونکي گهرايو آهي.

ٽنڊي الهيار ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان دهشتگردي جو شڪار ۽ ڳنڀير مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي.

آصف زرداري چيو ته پيپلز پارٽي آئين کي اصل شڪل ۾ بحال ڪيو، هاڻي 18هين ترميم جي شقن جو بهانو بڻايو پيو وڃي.

هن چيو ته خبر ناهي ته عمران خان کي 18هين ترميم مان ڪهڙي تڪليف آهي، جڏهن ته کين ارڙهين ترميم کي ختم ڪرڻ واري سازش کي روڪيو ويندو.

اڳوڻي صدر چيو ته هـو نٿو سمجھي ته موجودا حڪمرانن کي مسئلن جي خبر پئي ٿي، اهي سياسي طور تي اڃا بالغ ناهن.

هن چيو ته ماضي ۾ نواز شريف احتساب عدالت قائم ڪئي هئي، اڄ ساڳو پاڻ ئي حاضريون ڀوڳي رهيو آهي، عمران خان جيڪي قانون جوڙي پيو ڇا پاڻ انهن کي منهن ڏئي سگهندو؟.

آصف علي زرداري چيو ته جي آءِ ٽي بلاول کي نه پر مون کي ڀيڻ سوڌو گهرايو آهي، جڏهن ته کين جيل ڪاٽڻ جي سهپ آهي، ڇا وزيراعظم عمران خان وٽ جيل ڪاٽڻ جي سگھه آهي؟.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here