پاڪستان ريلوي ريل گاڏين جي ڀاڙن ۾ 10 کن 19 سيڪڙو واڌ ڪري

46
0
SHARE

پاڪستان ريلوي ريل گاڏين جي ڀاڙن ۾ 10 کن 19 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي، نوان ڪرايا 7 ڊسمبر کان لاڳو ٿيندا.

نوٽيفڪيشن موجب گرين لائين جو ڪراچي کان اسلام آباد تائين جو ڪرايو 540 رپين جي اضافي سان 5880 رپيا ٿي ويو.

ڪراچي ايڪسپريس، بزنس ايڪسپريس، شاليمار ۽ شاھھ حسين ايڪسپريس جي ڀاڙن ۾ 12 سيڪڙو تائين واڌ ڪئي وئي آهي.

پاڪستان ريلوي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب خيبر ميل، عوام ايڪسپريس ۽ علامه اقبال ايڪسپريس جي ڪراين ۾ 12 سيڪڙو جڏهن ته تيز گام جي سڀني ڪلاسن جي ڪرائي ۾ 15 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو.

نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان ايڪسپريس جي ڀاڙي ۾ 19 سيڪڙو ۽ سکر ايڪسپريس جي سڀني ڪلاسن ۾ 15 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي.

ريلوي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب نوان ڀاڙا 7 ڊسمبر کان لاڳو ٿيندا.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد ريلوي جي ڪراين ۾ اضافي جو اعلان ڪندي چيو هو ته ڊالر مهانگو ٿيو آهي، ان لاءِ ريل گاڏي جي ڀاڙي ۾ به اضافو ڪيو ويندو………..

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here