چيف جسٽس پاناما ڪيس جو فيصلو ٻڌائي نئين پاڪستان جو بنياد رکيو:عمران خان

10
0
SHARE

اسلام آباد:وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته سڀني کي قانون جي دائري ۾ آڻڻ جو ڪم سپريم ڪورٽ شروع ڪيو ۽ اهي ڪم ڪيا جيڪي جمهوري حڪومتن کي ڪرڻا هئا. اسلام آباد ۾ ٿيل وڌندڙ آبادي تي ڌيان جي عنوان هيٺ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته چيف جسٽس جو هو ٿورائتو آهي، هو پهريون وزيراعظم آهي جنهن کي چيف جسٽس دعوت ڏني، شڪر آهي جو ڪورٽ نمبر هڪ ۾ نه گهرايا. وزيراعظم چيف جسٽس سان مخاطب ٿيندي چيو ته پاناما جو فيصلو اهم هو، توهان نئين پاڪستان جو بنياد رکيو، جنهن معاشري ۾ قانون جي حڪمراني هوندي آهي اُهو اڳتي ويندو آهي، اسان وٽ هتي چونڊون ٿينديون هيون پر قانون جي حڪمراني نه ايندي هئي، آمر جمهوريت ٿيڻ ۽ جمهوري حڪمران آمر ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته موجوده حالتن ۾ پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان بهترين دور جي شروعات ٿي آهي، اسان مديني جهڙي رياست ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندا رهنداسين، سپريم ڪورٽ اهو ڪم ڪيو آهي جيڪو جمهوري حڪومت کي ڪرڻ گهرجي ها، پر جمهوري حڪومتون بدقسمتي سان رڳو پنج سالن جو سوچينديون هيون، ته جيئن ايندڙ اليڪشن کٽي سگهن، جڏهن ته ڊيم پنج سالن کان وڌيڪ عرصي ۾ ٺهندو، ان محدود سوچ جي ڪري ان مسئلي جي ور چڙهيل آهن. عمران خان چيو ته گهٽ ٻار خوشحال گهراڻو، تمام سٺي مهم هئي، جنهن کي اوڀر پاڪستان لاءِ سمجهيو ويندو هو، پر اڄ هو اوڀر پاڪستان بنگلاديش اسان کان اڳتي نڪري ويو، ڇاڪاڻ جوانهن جي سوچ پري تائين جي هئي. وزيراعظم چيف جسٽس سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو، جيڪا تمام سٺي ڳالهه آهي، توهان هر طاقتور کي قانوني جي هيٺ آڻيو ٿا، اهو سڀ پاناما کان شروع ٿيو، اهو ڪو تصور نه ڪري سگهيو هو ته اقتدار ۾ ويٺل وزيراعظم قانون جي هيٺ اچي سگهي ٿو، سي ڊي اي منهنجي ماتحت آهي پر اڄ سي ڊي اي ٻڌائي ٿو ته عمران خان اها غلطي ڪئي، اهو تصور اڳ ۾ نه هو. وزيراعظم جو چوڻ هو ته اسان تي قرض چڙهيل آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ ان مان نڪري وينداسين، خراب معاشي حالتن باوجود سيڙپڪار پاڪستان اچي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته غلط فيصلن سان ملڪ جي آبادي وڌي رهي آهي، هاڻ اسڪولن ۾ ٻارن کي فيملي پلاننگ ۽ وڻن بابت پڙهائڻ گهرجي، پاڪستان ستون ملڪ آهي جيڪو گلوبل وارمنگ سان سڀ کان وڌيڪ متاثر آهي، شهر جنهن تيزي سان وڌي رهيا آهن، وڻ به گهٽجندا وڃن ٿا، ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته قانون سازي وسيلي ان ۾ جدت آڻجي، حڪومتي سئو ڏينهن ۾ قانون سازي ڪئي وئي آهي، جنهن تي خوشي آهي…………

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here