لاهور جي احتساب عدالت ۾ شهباز شريف جي حاضري دوران ن ليگي ڪارڪنن ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون

8
0
SHARE

لاهور جي احتساب عدالت ۾ شهباز شريف جي حاضري دوران ن ليگي ڪارڪنن ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون ٿيون، اهلڪارن ڪارڪنن تي لٺبازي ڪئي ۽ ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو.

شهباز شريف جي حاضري جي موقعي تي احتساب عدالت ٻاهران ليگي اڳواڻ مريم اورنگزيب، بلال ياسين ۽ خواجا عمران نذير کانسواءِ ڪارڪن وڏي انگ ۾ موجود هئا جڏهن ته پوليس جي وڏي نفري به مقرر ڪئي وئي.

احتساب عدالت ٻاهران ليگي ڪارڪنن هنگامو ڪيو ۽ رنڊڪون هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي پوليس مٿن لٺبازي ڪئي.

پوليس جي لٺبازي سبب مسلم ليگ نون جو هڪ ڪارڪن زخمي به ٿيو جڏهن ته هنگامو ڪندڙ ڪيترن ئي ڪارڪنن کي پوليس حراست ۾ وٺي ڇڏيو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here