لاهور احتساب عدالت پاران آشيانا هائوسنگ اسڪينڊل ۾ گرفتار ن ليگ جي شهباز شريف کي جيل اماڻڻ جو حڪم

9
0
SHARE

لاهور جي احتساب عدالت آشيانا هائوسنگ اسڪينڊل ۾ گرفتار مسلم ليگ نون جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کي جيل اماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

شهباز شريف آشيانا هائوسنگ اسڪينڊل جي سلسلي ۾ 5 آڪٽوبر کان قومي احتساب بيورو لاهور جي تحويل ۾ آهي.

ڄاڻايل ڪيس جي 29 نومبر تي ٿيل گذريل ٻڌڻي تي احتساب عدالت شهباز شريف جي جسماني ريمانڊ ۾ 9 ڏينهن جي واڌ ڪئي هئي.

جسماني ريمانڊ جي خاتمي تي نيب اختيارين شهباز شريف کي فاچ احتساب عدالت جي جج نجم الحسن آڏو پيش ڪيو.

ٻڌڻي دوران نيب لاهور طرفان شهباز شريف جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي.

ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي مطمئن نه ڪري سگهيو جنهن تي احتساب عدالت شهباز شريف کي جيل اماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here