ابوظهبي ٽيسٽ، نيوزيلينڊ جي پاڪستان خلاف بيٽنگ هلندڙ، ياسر شاهه تيز ترين 200 وڪيٽون وٺڻ جو نئون رڪارڊ قائم

8
0
SHARE

ابوظهبي ٽيسٽ جو چوٿون ڏينهن، نيوزيلينڊ جي پاڪستان خلاف بيٽنگ هلندڙ آهي، ياسر شاهه ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ نئين تاريخ رقم ڪري ورتي، تيز ترين 200 وڪيٽون وٺڻ جو نئون رڪارڊ قائم ڪندي 82 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.

نيوزيلينڊ خلاف ابوظهبي ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن ياسر شاهه پنهنجي ٻي وڪيٽ حاصل ڪئي ته سندس 200 وڪيٽون مڪمل ٿيون ۽ اهڙي ريت هن آسٽريلوي ليگ اسپنر ڪليري گرمٽ جو 1936 ۾ 36 ٽيسٽ مئچز ۾ جوڙيل 200 وڪيٽون حاصل ڪرڻ جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.

ياسر شاهه 33 مئچز ۾ 200 وڪيٽون حاصل ڪيون ۽ اهڙي ريت هــُو پهريون بالر آهي جنهن تيز ترين 200 وڪيٽون حاصل ڪيون.

ڀارت جي روي چندر ايشون 37، وقار يونس ۽ ڊينس لِلي 38 ٽيسٽ مئچز ۾ 200 وڪيٽون حاصل ڪيون هيون.

ياد رهي ته ياسر شاهه 22 آڪٽوبر 2014 تي آسٽريليا خلاف پهرين ٽيسٽ مئچ کيڏي ۽ 4 سال ۽ ڏيڍ مهيني جي ڪيريئر ۾ هن 200 وڪيٽون حاصل ڪرڻ جو ڪارنامو انجام ڏنو.

ليگ اسپنر ياسر شاهه 3 ڀيرا 10 وڪيٽون ۽ هڪ اننگز ۾ 5 رانديگرن کي 16 ڀيرا آئوٽ ڪيو جڏهن ته نيوزيلينڊ خلاف دبئي ٽيسٽ ۾ هن 14 وڪيٽون حاصل ڪيون جيڪا سندس ڪيريئر جي بهترين بالنگ هئي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here