سپريم ڪورٽ پرڏيهه ۾ اڪائونٽن بابت ٻڌڻي وقت عليما خان خلاف ڪارروائي جي رپورٽ گھري ورتي

9
0
SHARE

سپريم ڪورٽ پرڏيهه ۾ اڪائونٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي وقت وزيراعظم عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان خلاف ڪارروائي تي 13 ڊسمبر تائين رپوٽ گھرندي ايف بي آر جي چيئرمين ۽ انڪم ٽيڪس جي ميمبر کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي هڪ نمبر ۾ ڪمري ۾ پرڏيهه ۾ اڪائونٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت ايف بي آر کي دبئي ۾ ملڪيت رکڻ وارن 20 ماڻهن جائزو وٺڻ جو حڪم ڏنو.

ٻڌڻي وقت چيف جسٽس ايف بي آر جي چيئرمين ۽ انڪم ٽيڪس جي ميمبر کان پڇاڻو ڪيو ته دبئي ۾ ملڪيت خريد ڪندڙن خلاف ڇا ڪارروائي ٿي آهي، جيڪي 20 ماڻهو پيش ٿيا انهن جي ڇا پورٽ آهي ايف بي آر هن وقت تائين پنهنجي ڪارڪردگي ٻڌائي.

چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته عليما خان خلاف ڪا ڪارروائي ٿي؟، جنهن تي آپريشن ميمبر ايف بي آر عدالت کي ٻڌايو ته هن خلاف ڪارروائي لاءِ لاهور آفيس کي چيو ويو آهي.

چيف جسٽس ايف بي آر جي چيئرمين ۽ انڪم ٽيڪس جي ميمبر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته توهان ڪيس ٽنگڻ گھرو ٿا، عدالت توهان کي آڊٽ ڪرائڻ جو نه چيو هو.

ان موقعي تي جسٽس اعجاز الاحسن چيو ايف بي آر کي لاهور نه هتي ڪاررائي جو چيو هو، عدالت فيلڊ آفيسر کي ڪيس اماڻڻ جو ناهي چيو، جڏهن ته عدالتي حڪم تي ڪميٽي کي ڪارروائي ڪرڻ کپندي هئي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ايف بي آر آپريشن ميمبر ملڪ جو ڪهڙو آفيسر آهي، ڇو نه هن خلاف جاچ ڪرائي وڃي، ڪيس ۾ دير جا حربا استعمال ڪيا پيا وڃن، ايف بي آر، ايف آءِ اي جي محنت به سرد خاني ۾ وڌي وئي آهي.

عدالت عليما خان خلاف ڪارروائي تي 13 ڊسمبر تائين رپورٽ گھرندي ايف بي آر چيئرمين ۽ انڪم ٽيڪس ميمبر کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪندي ٽن ڏينهن ۾ شوڪاز جو جواب ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here