وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ڪجهه دير ۾ ٿي رهيو آهي

12
0
SHARE

وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ڪجهه دير ۾ ٿي رهيو آهي.

ذريعن موجب اجلاس ۾ 20 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويندو، جڏهن ته ڪابينا جي گذريل اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي عملدراي جو جائزو وٺڻ سان گڏوگڏ گذريل اقتصادي رابطا ڪميٽي جي فيصلن جي منظوري ڏني ويندي.

اجلاس جي وقت گلگت بلتستان ۾ سڌارن ۽ عبوري صوبي جي درجي ڏيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪشمير معاملن ۽ قانون وارا وزير معاملي تي آگاهي ڏيندا.

ذريعن موجب اجلاس جي وقت گيس جي صنعتن جي فراهمي ۽ اڪنامڪ افئيرز ڊويزن بابت ڊويزنن ۾ معاملن کي اماڻن جو به جائزو ورتو ويندو.

وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي بورڊ آف ٽرسٽي جي منظوري ۽ پورٽ قاسم جي چيئرمين اٿارٽي جي مقرري به ايجنڊا ۾ شامل آهي.

اجلاس وقت نجي فضائي ڪمپني جي لائسنس ۽ پاڪستان اڪيڊمي ادبيات جي ڊپٽي سيڪريٽري جي ملازمت جي مدي ۾ اڌ وارو ماملو به غور هيٺ ايندو.

ذريعن موجب پاڪستان ۽ ڪينڊا جي منشيات جي خاتمي واري فورس وچ ۾ معاهدي ۽ لا ايند جسٽس ڪميشن جي ميمبرن جي منظوري به ايجنڊا ۾ شامل آهي.

ٻئي پاسي ڪرپشن جي خاتمي واري عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي 50 روپين جو يادگار سڪو جاري ڪرڻ جو معاملو به ايجنڊا ۾ شامل آهي، جڏهن ته دستاويزن جي رازداري بابت قدمن جو معاملو به غور هيٺ آندو ويندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here