ڪراچي جي سرجاني ٽائون واري علائقي ۾ رينجرز ڪارروائي دوران ٽارگيٽ ڪلر گرفتار

14
0
SHARE

ڪراچي جي سرجاني ٽائون واري علائقي ۾ رينجرز ڪارروائي دوران ٽارگيٽ ڪلر کي گرفتار ڪري ورتو، ترجمان جو چوڻ آهي ته غضنفر علي عرف موٽا ايم ڪيو ايم لنڊن جو سرگرم ڪارڪن آهي ۽ هـُو ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀتا خوري ۽ ڦرلٽ جي واقعن ۾ ملوث آهي.

رينجرز ترجمان موجب رينجرز سنڌ ڳجهن اطلاعن تي سرجاني ٽائون جي علائقي سنڌي هوٽل ويجهو ڪارروائي ڪندي جوابدار غضنفر علي عرف موٽا کي گرفتار ڪيو جنهن جو تعلق ايم ڪيو ايم لنڊن سان اهي.

رينجرز ترجمان جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار ٽارگيٽ ڪلنگ ، ڀتي خوري ۽ ڦرلٽ جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث آهي.

ترجمان موجب جوابدار 2007 کان 2013 تائين ايم ڪيو ايم لنڊن جو سرگرم ڪارڪن رهيو ۽ ايم ڪيو ايم لنڊن لاءِڀتو وصول ڪرڻ ۽ زبردستي کــَلون گڏ ڪرڻ جي وارداتن ۾ ملوث رهيو آهي.

ترجمان موجب جوابدار غضنفر علي عرف موٽا 2013 ۾ ڪورنگي ۾ واقعو جامع مسجد بلال جي خطيب قاري امين جي قتل ۾ ملوث آهي جنهن جو ڪيس زمان ٽائون ٿاڻي ۾ داخل آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here