آرڊيننسن ذريعي حڪومت نٿي هلائي سگھجي:پيپلز پارٽي

20
0
SHARE

پيپلز پارٽي چيو آهي ته آمريت ۾ صدارتي حڪم ذريعي حڪومت هلائي ويندي هئي ۽ آرڊيننس ذريعي حڪومت نه ٿي هلائي سگهجي تنهن ڪري ڪو به آرڊيننس آيو ته ان خلاف ٺهراءُ آندو ويندو.

اسلام آباد ۾ پ پ اڳواڻن فرحت الله بابر، شيري رحمان ۽ نيئر بخاري پريس ڪانفرنس ڪئي.

سينيٽر شيري رحمان چيو ته 10 ڏينهن کانپوءِ به قومي اسيمبلي ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي نه جوڙي وئي، 100 ڏينهن ڀتيون ڪيرايون ويون،ڍورن، ڪڪڙين ۽ بيضن جي ڳالهه ٿي.

هن چيو ته هنن گذارش ڪئي هئي ته پارليامينٽ ذريعي ملڪ کي هلايو، قانون سازي رڳو پارليامينٽ ذريعي ٿيندي، ان کانسواءِ قانون سازي ڪئي وئي ته ڀرپور مخالفت ڪئي ويندي.

شيري رحمان چيو ته حڪومت ۾ تضاد سامهون آيو آهي، وزير چون ٿا ته هنن کي ڄاڻ هئي ۽ وزيراعظم چوي ٿو ميڊيا ذريعي خبر پئي جڏهن ته احتساب جي آڙ ۾ آمراڻي طرز تي اپوزيشن کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي.

هن وڌيڪ چيو ته چونڊ نتيجن بابت ڪميٽي تي به يوٽرن ورتو ويو آهي، حڪومت جي چوڻ تي هيءَ ڪميٽي ٺهي ۽ حڪومت ئي مفلوج ڪري ڇڏيو، هي 18هين ترميم تي به سوال اٿاري رهيا آهن.

فرحت الله بابر چيو ته اليڪشن ۾ ڌانڌلي جون رپورٽس سامهون اچڻ شروع ٿيون آهن، فافن رپورٽ موجب 78 هزار فارم مان 345 فارمز تي صحيح هئي 95 سيڪڙو فارم اڻ تصديق هئا.

هن چيو ته حڪمران عدالتن جي حڪم تي عمل ڪن ته گم ٿيل ماڻهن جو پتو لڳي سگهي ٿو.

ان موقعي تي نيئر بخاري چيو ته آمريت ۾ صدارتي حڪم ذريعي حڪومت هلائي ويندي هئي ۽ صدارتي آرڊيننس ايمرجنسي جي حالتن ۾ جاري ڪري سگهجي ٿو پر آرڊيننس ذريعي حڪومت نه ٿي ڪري سگهجي.

هن وڌيڪ چيو ته حڪومت جي عقل تي پردو پيل آهي ۽ سليڪٽيڊ وزيراعظم وٽ ڪو تجربو ناهي، آرڊيننس ڪو به آيو ان خلاف ٺهراءُ آندو ويندو.

نيئر بخاري جو چوڻ هو ته ڊالر جي قيمت تي وزيراعظم ۽ ناڻي واري وزير مان ڪو هڪ ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، ڪوڙ ڳالهائڻ تي آرٽيڪل 62 ون ايف لاڳو ٿيندو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here