سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ سائبيرين هوائون شروع ٿيڻ کانپوءِ موسم ٿڌي ٿي وئي

29
0
SHARE

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ سائبيرين هوائون شروع ٿيڻ کانپوءِ موسم ٿڌي ٿي وئي آهي، جڏهن گرمي پد 3ڊگري سينٽي گريڊ گھٽجي ويو آهي.

ڪراچي جي اتر ۽ اوڀر وارن علائقن ۾ هوائون 14ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان گھلي رهيون آهي، جڏهن ته گرمي پد 16 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ گھٽ ۾ گھٽ گرمي پد 11 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هوا ۾ گھم جو تناسب 54 سيڪڙو آهي.

موسميات کاتي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران شهر ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here