حيدرآباد جي ڪينٽ واري علائقي ۾ مسجد اندر ٻارن تي تشدد جو وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ پوليس مولوي کي گرفتار ڪري ورتو

38
0
SHARE

حيدرآباد جي ڪينٽ واري علائقي ۾ مسجد اندر ٻارن تي تشدد جو وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ پوليس مولوي شبير کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي لاڳاپيل اختيارين کان تفصيلي رپورٽ گهري ورتي آهي.

حيدرآباد جي ڪينٽ واري علائقي ۾ معصوم شاهه ڪالوني جي نوراني مسجد ۾ ديني تعليم ڏيندڙ مولوي شبير ٻارن تي تشدد ڪيو هو جنهن جو وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.

مولويءَ ٻارن کي رَٻڙ جي پائيپ سان وحشياڻو تشدد ڪيو جنهن تي نمازين منع ڪئي ته انهن سان بدتميزي ڪئي هئي.

وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ ايس ايس پي حيدرآباد معاملي جو نوٽيس وٺندي مولوي جي گرفتاري جو حڪم ڏنو جنهن تي ڪينٽ پوليس مولوي شبير کي گرفتار ڪري ورتو.

ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مسجد اندر مولوي پاران ٻارن تي تشدد واري واقعي جو نوٽيس وٺندي لاڳاپيل اختيارين کان تفصيلي رپورٽ گهري ورتي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here