نصير آباد ۾ گاجي کهاڙو روڊ جو اڏاوتي ڪم نه ڪرائڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

295
0
SHARE

 نصير آباد:نصير آباد ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن  گاجي کهاڙو روڊ جو اڏاوتي ڪم نه ڪرائڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي،بک هڙتالي ڪئمپ تي ويٺل اڳواڻن يوسف پتوجو، ممتاز ڪلھوڙو ۽ رسول بخش کوسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 38 سالن کان روڊ جو مرمتي ڪم نه ٿيڻ سبب هنڌان هنڌان کڏا پوڻ جي ڪري حادثا معمول آهن،سندن چوڻ هوته روڊ جي حالت خراب هئڻ سبب ڳورهاري عورتن ۽ بيمار مريضن کي اسپتال کڻي وڃڻ لاءِ  سخت مشڪلاتون پيش اچن ٿيون، جڏهن ته ٽرانسپوٽرن به بسون هلائڻ بند ڪري ڇڏيون آهن،سندن وڌيڪ چوڻ هو ته روڊ جو مرمتي ڪم ڪرائڻ لاءِ  ڪيترائي ڀيرا چونڊيل نمائندن ۽ انتظاميا کي شڪايت ڪئي پر ڪو به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ئي ناهي،احتجاج ڪندڙن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي گاجي کهاوڙ روڊ جو تعميراتي ڪم ڪرائي عوام جي پريشانين کي گهٽايو وڃي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here