حسن ۽ حسين نواز کي اشتهاري قرار ڏيڻ لاءِ ڪارروائي شروع،گهرن تي نوٽيس لڳايا ويا

50
0
SHARE

لاهور:ايون فيلڊ پراپرٽي بابت ريفرنس ۾ نيب نواز شريف جي پٽن حسن ۽ حسين نواز کي اشتهاري قرار ڏيڻ لاءِ ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي، لاهور ۽ جاتي امرا وارن گهرن تي نوٽيس لڳايا ويا آهن،نيب ذريعن موجب نوٽيس ايون فيلڊ پراپرٽي ڪيس ۾ گهرن جي ڀتين تي لڳايا ويا آهن ۽ ڪارروائي حسين ۽ حسن نوز جي نيب عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ تي ڪئي پئي وڃي،نيب ذريعن موجب، نوٽيس ۾ 30 ڏينهن اندر عدالت ۾ حاضر ٿيڻ جو به چيو ويو آهي،ٻئي طرف عدالتي فيصلي تي حسن نواز جو چوڻ آهي ته کين اشتهاري قرار نه ٿو ڏئي سگهجي ۽ نيب ريفرنس سياسي انتقام کان علاوه ڪجهه به ناهي،واضح رهي ته نيب پاناما ڪيس جي فيصلي جي روشني ۾ شريف خاندان خلاف ٽي ۽ اسحاق ڊار خلاف هڪ ريفرنس داخل ڪيو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here