راولپنڊي جي ڪسٽم عدالت پاران ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾ ماڊل ايان علي جا ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

58
0
SHARE

راولپنڊي جي ڪسٽم عدالت، ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾ ماڊل ايان علي جا ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

راولپنڊي جي ڪسٽم عدالت ۾ ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، لاڳيتو غير حاضري تي ايان علي جي وڪيل سرفراز علي عدالت آڏو دليل ڏيندي چيو ته ڊاڪٽرن ايان علي کي فيبروري ۾ پاڪستان جي سفر جي اجازت ڏني آهي، هوءَ فيبروري ۾ عدالت ۾ پيش ٿي پنهنجي خلاف ڪيس کي منهن ڏيندي.

عدالت ايان علي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي ٻڌڻي 18 جنوري تائين روڪي ڇڏي.

عدالت ريمارڪس ڏنا ته ايان علي ٽن سالن کان ڄاڻي واڻي غير حاضر آهي، جوابدارا جي عدالت ۾سرينڊر ڪرڻ تائين گرفتاري وارنٽ واپس نه ٿا وٺي سگهجن، 18 جنوري کان ڪو التوا نه ٿيندو ۽ سندس غير موجودگي ۾ ئي ٽرائل شروع ڪيو ويندو.

واضح رهي ته ايان علي کي 14 مارچ 2015 تي اسلام آباد کان دبئي ويندي بينظير ڀٽو ايئرپورٽ تي ڪرنسي اسمگلنگ ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ کيس ضمانت تي آزاد ڪيو ويو هو، هوءَ عدالت جي اجازت سان پرڏيهه وئي ۽ ٻيهر هوءَ گهٽ ۾ گهٽ ٻن سالن کان واپس نه آئي آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here