پيرا گون اسڪينڊل ۾ گرفتار سعد رفيق ۽ سلمان رفيق جي جسماني ريمانڊ ۾ واڌ

83
0
SHARE

لاهور: لاهور جي احتساب عدالت، پيرا گون هائوسنگ سوسائٽي اسڪينڊل ۾ گرفتار خواجا سعد رفيق ۽ سلمان رفيق جي جسماني ريمانڊ ۾ وڌيڪ 15 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. قومي احتساب بيورو 11 ڊسمبر تي لاهور هاءِ ڪورٽ مان عبوري ضمانت ۾ واڌ جي درخواست رد ٿيڻ کانپوءِ خواجا سعد رفيق ۽ سندس ڀاءُ سلمان رفيق جي پيراگون هائوسنگ سوسائٽي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو هو. احتساب عدالت خواجا سعد رفيق جو 20 ڊسمبر تائين راهداري ريمانڊ ڏنو هو جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر طرفان ليگي ايم اين اي جي پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ کانپوءِ هو اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد ۾ موجود هو. نيب ٽيم سعد رفيق احتساب عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ اڄ اسلام آباد کان لاهور نيب آفيس منتقل ڪيو جتان سخت سڪيورٽي ۾ خواجا ڀائرن کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران نيب جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته قيقي امين بٽ بيان ڏنو ته خواجا ڀائر پيرا گون سٽي جا مالڪ آهن. جاچ آفيسر موجب ان منصوبي تحت 2 ارب رپين جا ڪمرشل پلاٽ غير قانوني طور تي وڪرو ڪيا جڏهن ته تپيدارن ٻڌايو ته 40 ڪينال سرڪاري زمين به وڪرو ڪئي وئي پر جن ماڻهن اها زمين خريد ڪئي آهي انهن جو بيان رڪارڊ ڪرڻو آهي. نيب اختيارين احتساب عدالت کي خواجا ڀائرن جي جسماني ريمانڊ ۾ 15 ڏينهن جي واڌ جي استدعا ڪئي . عدالت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو ۽ ڪجهه دير ۾ فيصلو ٻڌائيندي جسماني ريمانڊ ۾ 15 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي. بعد ۾ عدالت ۾ جوابدارن کي 5 جنوري تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي روڪي ڇڏي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here