مٺي جي سول اسپتال ۾ وڌيڪ 3 ٻار فوت، هلندڙ مهيني فوتين جو انگ 47 ٿي ويو

25
0
SHARE

ڏڪاريل ڏيهه ٿر ۾ ٻارڙن جي فوتگين جو سلسلو رڪجي نه سگھيو آهي، جڏهن ته غذائي کوٽ وگھي وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ 47 ٿي ويو آهي.

مٺي جي سول اسپتال ۾ 24 ڏينهن جي ٻارڙي ڪلثوم ، آڪاش ڪمار جو تازو ڄاول ٻارڙو ۽ ٻن مهينن جي علي احمد دم ڏنو.

وڌيڪ ٽن ٻارن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ هلندڙ مهيني فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 47 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 46 جو علاج هلندڙ آهي.

ياد رهي ته هلندڙ سال مٺي جي سول اسپتال ۾ غذائي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگھي 618 ٻارڙا فوت ٿي چڪا آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here