ڪوٽڙي جي سول سوسائٽي جو ايس ايڇ او جي بدلي خلاف حيدرآباد ۾ احتجاج

96
0
SHARE

حيدرآباد: ڪوٽڙي جي سول سوسائٽي پاران ايس ايڇ او ڪوٽڙي نيڪ محمد کوسو جي بدلي خلاف حيدرآباد پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي، اياز لغاري، غلام حسين جتوئي، نياز جلباڻي، ارشد آرائين ۽ ٻين ايس ايڇ او جي بدلي خلاف احتجاج ڪيو،ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته شهيد شاگردياڻي تانيا خاصخيلي جي قتل ۾ ملوث بااثر جوابدارن کي گرفتار ڪندڙ ايماندار ۽ فرض شناس ايس ايڇ او کي ڪوٽڙي مان بدلي ڪرڻ عوام سان دوکو آهي،هنن چيو ته ايس ايڇ او نيڪ محمد کوسو اهو ماڻهو آهي جنهن تانيا خاصخيلي جي قتل ۾ ملوث بااثر مک جوابدارن کي گرفتار ڪري پنهنجي انجام تائين پهچايو،هنن آءِ جي سنڌ ۽ صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال کان مطابلو ڪيو ته ايس ايڇ او نيڪ محمد کوسو کي ٻيهر ڪوٽڙي ٿاڻي تي مقرر ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here