مسلم ليگ (ن) ۽ تحريڪ انصاف ڏيکاءُ سان گڏ ڳٺ جوڙ جي سياست پيون ڪن :آصف علي زرداري

102
0
SHARE

نوشهره:اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) ۽ تحريڪ انصاف ڏيکاءُ سان گڏ ڳٺ جوڙ جي سياست ڪري رهيون آهن، پاڪستان کي پيپلز پارٽي خوشحال بڻائيندي،نوشهرا ۾ پارٽي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي آصف علي زرداري چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪي پي ۾ سينيٽ جون چونڊون ٿيون، جنهن ۾ تحريڪ انصاف ۽ ن ليگ گڏجي ووٽ ڏنا،هن چيو ته هي پارٽيون ڳٺ جوڙ جي سياست ڪن ٿيون، عمران خان نئين پاڪستان جي ڳالهه ڪري رهيو آهي پر جيڪي پنهجي صوبي ۾ هڪ ڳوٺ کي به نه سڌاري سگهن، اهي ڪهڙي تبديلي آڻيندا،آصف علي زرداري چيو ته نوشهرا پرويز خٽڪ جو اباڻو علائقو آهي، هو پرويز خٽڪ کي چڱي ريت سڃاڻي ٿو، جيڪو ڪڏهن سندس آفيس ۾ ويٺل رهندو هو،سندس چوڻ هو ته جيڪو پنهنجي اباڻي علائقي کي نه ٺاهي سگهيو، اهو نئون پاڪستان ڪهڙو ٺاهيندو؟ پرويز خٽڪ ته خيبر بئنڪ کي به بخش نه ڪيو،آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ پختونن جو قدر ڪرڻو پوندو، هنن ڪي کي سڃاڻپ ان ڪري ڏني ته جيئن ڀارت پختونخوا ۾ داخل نه ٿي سگهي، پيپلز پارٽي ملڪ کي خوشحال بڻائيندي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here