بلاول ۽ آصف علي زرداري جي قيادت ۾ سازشون ناڪام بڻائينداسين:وڏو وزير سيد مراد علي شاهه

31
0
SHARE

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته بلاول ۽ آصف علي زرداري جي قيادت ۾ سازشون ناڪام بڻائينداسين.

ڪراچي ۾ پيپلزپارٽي جي باني ذوالفقار علي ڀٽو جي 91هين سالگرهه جي تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته ڀٽو صاحب هن ملڪ جي پٺ تي پيل عوام سان گڏ هو، هن 1973 جو آئين ڏنو ۽ پاڪستان کي ايٽمي قوت بڻايو، اسان سڀ گڏجي آئين جو تحفظ ڪنداسين.

مراد علي شاهه چيو ته پيپلزپارٽي هميشا عدالتن جا چڪر لڳائيندي رهي آهي، آصف زرداري جو معاملو عدالت ۾ آهي،ان لاءِ ڪجهه نه چوندس، بلاول ۽ آصف علي زرداري جي قيادت ۾ سازشون ناڪام بڻائينداسين.

ان کان اڳ وڏي وزير مراد علي شاهه وزيراعليٰ هائوس ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو، تقريب ۾ سيد يوسف رضا گيالني ۽ ٻين اڳواڻن به شرڪت ڪئي…….

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here