ڏهرڪي جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي هيڊماستر جي زيادتين خلاف احتجاج

5
0
SHARE

ڏهرڪي جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي هيڊماستر جي زيادتين خلاف احتجاج ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي.شاگردن ساجد سومرو، عاصم ڪلال، اظهر علي، ماجد راڄڙ ۽ ٻين گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي هيڊماستر منظور احمد نائچ جي اهڙي عمل خلاف احتجاج ڪيو.ان موقعي تي شاگردن دانهندي چيو ته سندن اسڪول جو هيڊ ماستر هڪ شاگرد کي دوستي رکڻ لاءِ تنگ ڪندو رهندو هو، شاگرد پاران انڪار ڪرڻ تي 80 شاگردن کي تذليل جو نشانو بڻايو آهي.سندن چوڻ هو ته هيڊماستر 80 کان وڌيڪ شاگردن جي مٿي جا وار ڪوڙي تذليل جو نشانو بڻائي اسڪول جي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو هو جتان هو وجهه وٺي هتي پهتا آهن.هنن تعليم واري وزير کان مطالبو ڪيو ته هيڊ ماستر منظور احمد نائچ جي اهڙي عمل جو نوٽيس وٺي کيس فوري طور هٽايو وڃي ۽ سندس جاءِ تي ڪنهن ايماندار ۽ فرض شناس هيڊ ماستر کي مقرر ڪيو وڃي……….

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here