نئون ديرو گرلس ڪاليج ۾ سهولتن جي کوٽ جو سيشن جج دورو ڪري پرنسپال کان تفصيل معلوم ڪيا

79
0
SHARE

نئون ديرو گرلس ڪاليج ۾ سهولتن جي کوٽ جو سيشن جج نوٽيس وٺي ڪاليج جو دورو ڪري پرنسپال سان تفصيل معلوم ڪيا.ڌرتي ٽي وي تي شهيد بينظير ڀٽو گرلس ڪاليج ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف رپورٽ نشر ٿيڻ بعد ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالغور ڪلهوڙي جڊيشل مئجسٽريٽ سان گڏجي ڪاليج جو دورو ڪيو.سيشن جج ڪاليج جو دورو ڪري  سهولتن جي کوٽ جو جائزو وٺي شاگردياڻين ۽ استادن کان درپيش مسئلن بابت پڇاڻو ڪيوپرنسپال شاهين اختر پٺاڻ کين ٻڌايو ته گذريل ٽي سالن کان ڪاليج ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار آهي، جنهن بابت تعليم کاتي جي اختيارين کي ڪيترائي ڀيرا لکت ۾ آگاهه ڪيو آهي پر ڪو به عمل نٿو ڪيو وڃي.سيشن جج عبدالغفور ڪلهوڙي پرنسپال کي هدايت ڪئي ته ڪاليج ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ بابت عدالت کي لکت ۾ درخواست ڏني وڃي، جيڪا ڪمشنر لاڙڪاڻي ۽ تعليم کاتي جي اختيارين ڏانهن موڪلي سمورا مسئلا  حل ڪرايا ويندا………..

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here