پاڪستان هاڻي ڪنهن ٻئي ملڪ جي جنگ نه وڙهندو، افغانستان ۾ امن لاءِ طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻو پوندو

23
0
SHARE

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان هاڻي ڪنهن ٻئي ملڪ جي جنگ نه وڙهندو، افغانستان ۾ امن لاءِ طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻو پوندو، پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي ايٽمي ملڪن آهن، جنگ ڪرڻ آپگهات برابر هوندي، ڪشمير مسئلي جو حل ڳالهين ذريعي چاهيون ٿا.

ترڪي جي ٽي وي چئنل کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته پاڪستان ڪيترائي ڀيرا ڀارت کي تڪرارن جي حل لاءِ ڳالهين جي آڇ ڪئي پر ڀارت سدائين رد ڪندو رهيو آهي، ٻن ايٽمي ملڪن ۾ جنگ آپگهات برابر هوندي.

سندس چوڻ هو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ هٿين خالي ڪشميرين تي ظلم ڪري رهيو آهي، عالمي برادري به تسليم ڪيو ته ڪشميرين جي جدوجهد مقامي آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته ڀارت ۾ اليڪشن مهم دوران پاڪستان بابت نفرت پکيڙي ماڻهن جا جذبا ڀڙڪايا ويندا آهن.

هن چيو ته پاڪستان جي معيشت مثبت ٿي رهي آهي، اسان جي حڪومت ايندي ئي ملڪ مضبوط ٿيو آهي.

سندس چوڻ هوته پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو ڪرنٽ اڪائونٽ جو خسارو آهي، گذريل چئن مهينن دوران ملڪ معاشي لحاظ کان مستحڪم ٿيو آهي، ملڪي معشيت جي بهتريءَ لاءِ چين اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

وزيراعظم جو چوڻ هو ته افغانستان ۾ صرف ڳالهين ذريعي ئي امن قائم ٿي سگھي ٿو، طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ خطي جي ٻين ملڪن کي به ڪردار ادا ڪرڻو پوندو……….

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here