چائنيز ڪمپني ۾ معاهدي کانپوءِ پهرين تعارفي گڏجاڻي ٿي گذري

10
0
SHARE

بلديات واري صوبائي وزير ڄام خان شورو جي هدايت تي ضلعي اولهه ۾ صفائي سٿرائي جي صورتحال بهتر ڪرڻ ۽ گند ڪچري کي شهر کان ٻاهر اڇلائڻ لاءِ ضلعي اولهه ۽ چائنيز ڪمپني ۾ معاهدي کانپوءِ پهرين تعارفي گڏجاڻي ٿي گذري.پهرين تعارفي گڏجاڻي ۾ چائنيز ڪمپني هينگ زوجينگ زينگ جي صفائي واري سروس ۽ ضلعي اولهه جي بلدياتي ايڊمنسٽريٽر غلام فريد، ميونسپل ڪمشنر وسيم مصطفيٰ سومرو  ۽ چئني زونن جا ٻيا اڳواڻ موجود هئا.ان موقعي تي ضلعي اولهه جي ايڊمنسٽريٽر ڳالهائيندي چيو ته صفائي سٿرائي جي بهتري ۽ گند ڪچري کي بروقت شهر کان ٻاهر اڇلائڻ سندن اولين ترجيح آهي.سندس چوڻ هو معاهدي تحت ڪمپني ضلعي اولهه جي صفائي سٿرائي، ڊيڊ لاڪ ۽ روز جي بنياد تي سمورين يونين ڪائونسلن مان گند ڪچرو شهر کان ٻاهر ڦٽو ڪندي.هن چيو ته هو اميد ڪري ٿو ته ڪمپني هتان جي عوام کي صاف سٿرو ۽ صحتمند ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ جديد مشينري ۽ گاڏين ذريعي صفائي عمل کي يقيني بڻائيندي.ان دوران چائنيز ڪمپني جِي مس لين پنگ ايڊمنسٽريٽر کي يقين ڏياريو ته ڪمپني ضلعي اولهه بابت فزيبلٽي مڪمل ڪري ڪجهه ڏينهن ۾ صفائي سٿرائي واري عمل کي شروع ڪيو ويندو……..

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here