اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، نواز شريف جي العزيزيا اسٽيل ملز ريفرنس ۾ سزا خلاف اپيل ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي

38
0
SHARE

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي العزيزيا اسٽيل ملز ريفرنس ۾ سزا خلاف اپيل ٻڌڻي لاءِ تـُرت مقرر ڪرڻ لاءِ درخواست منظور ڪري ورتي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محمس اختر تي ٻڌل 2 رڪني ڊويزن بينچ، اڳوڻي وزيراعظم جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت مختصر ٻڌڻي کانپوءِ نواز شريف جي اپيل تي فيصلو ٻـُڌائيندي رجسٽرار آفيس کي 10 ڏينهن ۾ اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا.

اڳوڻي وزيراعظم طرفان گذريل ڏينهن هاءِ ڪورٽ ۾ درخوات داخل ڪئي وئي هئي جنهن ۾ استدعا ڪئي وئي هئي ته العزيزيا اسٽيل ملز ريفرنس ۾ سزا خلاف اپيل جلد ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وڃي.

درخواست ۾ چيو ويو هو ته 2 رڪني بينچ سزا خلاف داخل اپيل تي ٻڌڻي ڪري چڪي آهي ۽ عدالت سزا معطلي جي درخواست مرڪزي اپيل سان گڏ ٻـُڌڻ جي هدايت ڪئي آهي.

ياد رهي هي ته احتساب عدالت 24 ڊسمبر تي العزيزيا ريفرنس جو فيصلو ٻڌائيندي نواز شريف کي 7 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي کيس فليگ شپ ريفرنس ۾ بري ڪيو هو.

اڳوڻي وزيراعظم احتساب عدالت جي فيصلي خلاف پهرين جنوري ۽ وري 4 جنوري تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي ۽ ٻئي ڀيرا رجسٽرار اعتراض لڳائي درخواست واپس ڪري ڇڏي هئي.

ٻئي طرف نيب طرفان به نواز شريف جي فليگ شپ ريفرنس ۾ بريت ۽ العزيزيا ريفرنس ۾ سزا ۾ واڌ لاءِ 2 اپيلون داخل ڪيون ويون آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here