جوهانسبرگ ۾ ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ مئچ ۾ ڏکڻ آفريقا جي پاڪستان خلاف پهرين اننگز ۾ بيٽنگ هلندڙ

17
0
SHARE

جوهانسبرگ ۾ هلندڙ ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ مئچ جي پهرين ڏينهن ڏکڻ آفريقا جي پاڪستان خلاف بيٽنگ هلندڙ، قومي ٽيم ۾ 3 تبديليون ڪيون ويون، فخر الزمان، ياسر شاهه ۽ شاهين شاهه آفريدي کي ڊراپ ڪيو ويو.

جوهانسبرگ جي وانڊررز ڪرڪيٽ گرائوڊ ۾ هلندڙ مئچ ۾ ميزبان ٽيم جي ڪپتان ڊين ايلگر ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو،

ميزبان ٽيم  سيريز ٻه – ٻڙي تان پهريان ئي کٽي چڪي آهي ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي ڏکڻ آفريقا هٿان لاڳيتو ٻئين وائيٽ واش جو خطرو آهي.

شروعاتي ٻن مئچز ۾ شڪست کانپوءِ قومي ٽيم ۾ 3 تبديليون ڪيون ويون آهن، فخر زمان، ياسر شاهه ۽ شاهين شاهه آفريدي ٽيم جو حصو ناهن.

قومي ٽيم امام الحق، شان مسعود، اظهر علي، اسد شفيق، بابر اعظم، ڪپتان سرفراز احمد، شاداب خان، فهيم اشرف، محمد عامر، محمد عباس ۽ حسن علي تي ٻڌل آهي.

فاف ڊوپليسي تي هڪ مئچ جي پابندي سبب ڊين ايلگر ڏکڻ آفريقي ٽيم جي قيادت ڪري رهيو آهي ۽ ٽيم ۾ سندس جاءِ تي زبير حمزه کي شامل ڪيو ويو  آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here