بلوچستان ۾ آپريشن ردُ الفساد ، 2 دهشتگرد مارجي ويا، هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ

8
0
SHARE

ڪوئيٽا:بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ آپريشن ردُ الفساد جي نتيجي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا، هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو.آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب ايف سي طرفان رد الفساد تحت انٽيليجنس بنيادن تي قلات، خاران ۽ ميوند جي علائقن ۾ ڪارروايون ڪيون ويون.آءِ ايس پي آر موجب ڳجهن اطلاعن تي ڪيل ڪاررواين جي نتيجي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا، وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو، هٿ آيل هٿيارن ۾ سب مشين گنز، گرنيڊ، بارودي سرنگهون ۽ آر پي جي راڪيٽس شامل آهن، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڪارروائين دوران مواصلاتي اوزار به هٿ ڪيا ويا آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here