عوام مٿان مهانگائي جو هڪ وڌيڪ بم،دوائن جي اگهن ۾ 15 سيڪڙو  واڌ

57
0
SHARE

اسلام آباد: وفاقي سرڪار عوام مٿان مهانگائي جو هڪ وڌيڪ بم ڪيرائيندي دوائن جا اگهه 15 سيڪڙو تائين وڌائي ڇڏيا آهن، ان سلسلي م ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي سڄي ملڪ ۾ دوائن جي اگهن ۾ واڌ ڪئي آهي.  فارما سوٽيڪل ڪمپنين طرفان گذريل ڪيتري ئي عرصي کان دوائن جي قيمتن ۾ اضافي جو مطالبو ڪيو پئي ويو جنهن لاءِ ڪمپنين سپريم ڪورٽ به ويون ۽ دوائن جي فراهمي بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني. نوٽيفڪيشن موجب دوائن جي قيمتن ۾ 9 کان 15 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي،  هي اضافو دوائن جي پيڪنگ تي لکڻو پوندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here