سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ امن-19 مشقن جي حوالي سان اجلاس

12
0
SHARE

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ امن-19 مشقن جي حوالي سان اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ميئر ڪراچي وسيم اختر، وائيس ايڊمرل آصف خليق، گهرو سيڪريٽري، رينجرز ۽ پوليس سوڌو ٻين کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي. سي ايم هائوس مان جاري ٿيل بيان موجب پاڪستان نيوي هر سال اهڙي قسم جون مشقون ڪرائيندي آهي، جنهن ۾40 ملڪن جون نيوي فورسز حصو وٺنديون آهن. هن ڀيري ڇهين امن -19 مشق 8 کان 12 فيبروري تي اونهي سمنڊ ۾ ٿيندي. انهن مشقن جو مقصد دنيا جي نيوي فورسز سان گڏجي پنهنجي صلاحيتن توڙي مهارتن جو مظاهرو ڪرڻ آهي. اجلاس دوران وڏي وزير امن مشقن جي حوالي سان بهتر انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here