پيپلز پارٽي تحريڪ انصاف جي نقلي بينڪ کاتن ۽ عليما خان جي اثاثن جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

39
0
SHARE

پيپلز پارٽي تحريڪ انصاف جي نقلي بينڪ کاتن ۽ عليما خان جي اثاثن جي جاچ لاءِ جــَي آءِ ٽي جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، صوبائي وزير ناصر شاهه جو چوڻ آهي ته آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر لاءِ هڪ قانون ۽ عليما خان لاءِ ٻيا قانون ڇو آهن ؟ چيف جسٽس پاڻمرادو نوٽيس وٺي، ڪيترائي بِندرا ماڻهو پنهنجو قد وڌائڻ لاءِ آصف زرداري خلاف ڳالهائي رهيا آهن، صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته جهڙي تيزي سان پ پ قيادت  جا نالا اي سي ال ۾ شامل ڪيا ويا ، عليما خان جو نالو به ايئن وڌو وڃي، سنڌ ۾ اچي چڙڏياريندڙ ڳالهيون ڪندڙن جي صوبي ۾ داخلا تي پابندي لڳائڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي.

سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته خرم شير زمان سستي شهرت لاءِ آصف زرداري خلاف ريفرنس داخل ڪرايو، ڪيترائي بِندرا ماڻهو پنهنجو قدم وڌائڻ لاءِ آصف زرداري خلاف ڳالهائي رهيا آهن.

هن چيو ته نقلي بينڪ کاتن کي پيپلزپارٽي سان ڳنڍي ميڊيا ٽرائل ڪيو پيو وڃي، وفاقي سرڪار سپريم ڪورٽ جي حڪمن کان واضح انڪار ڪري رهي آهي.ناصر شاهه چيو ته آصف زرداري ۽فريال ٽالپر لاءِ هڪ قانون ۽ عليمه خان لاءِ ٻيا قانون آهن، چيف جسٽس نوٽيس وٺي ۽ عليمه خان جي ملڪيتن ۽ پي ٽي آءِ جي نقلي کاتن تي جي آءِ ٽي جوڙي وڃي.

 صوبائي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جا شوباز سنڌ سرڪار خلاف ناڪاري ڳالهيون ڪري رهيا آهن، حقيقت اها آهي ته سنڌ ترقي ڪئي آهي، حڪومت جي ڪاڪردگي بهترين آهي، پيپلزپارٽي سرڪار عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، غيرقانوني اڏاوتن جي آڙ ۾ سمورن ماڻهن کي زد ۾ آندو ويو.

ٻئي پاسي سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني چيو ته ايوان ۾ ڪجهه ميمبر حرڪتون ۽ ڊراما ڪري عليما خان جي ملڪيت واري معاملي تان ڌيان هٽائڻ چاهين ٿا.

سعيد غني چيو ته جيڪي ماڻهو ڀٽو يا زرداري خاندان جي مالي حيثيت تي آڱريون کڻن ٿا، جن وٽ ڪجهه ڏهاڪا اڳ پنهنجي امڙ جي علاج لاءِ پيسا نه هئا، انهن جون ملڪيتون به ظاهر ٿي رهيون آهن، عمران خان پنهنجي آمدني جو ذريعو ٻڌائي.

 هن چيو ته بلاول هائوس تي آڱريون کڻندڙ عمران خان جو گهر بني گالا وڌيڪ مهانگو آهي، شوڪت خانم اسپتال جي چندي جي رقم جي به آڊٽ ٿيڻ گهرجي.صوبائي وزير چيو ته بلاول ڀٽو ۽ مراد علي شاهه جا نالا اي سي ايل مان نه ڪڍڻ حڪومت جي بدنيتي آهي، چيف جسٽس جي حڪم کي نه مڃيندڙ سنڌ جي حڪومت ختم ڪرڻ چاهين ٿا.

سعيد غني چيو ته جهيڙي تيزي سان پ پ قيادت جا نالا اي سي ايل ۾ وڌا ويا، اهڙي ئي تيزي سان عليمه خان جو نالو به اي سي ايل ۾ وڌو وڃي.

صوبائي وزير چيو ته سنڌ ۾ اچي چڙڏياريندڙ ڳالهيون ڪندڙن ماٺ نه ڪئي ته انهن جي سنڌ اچڻ تي پابندي لڳائڻ تي مجبور ٿي وينداسين، وڏي وزير کي تجويز ڏيندس ته اهڙن ماڻهن خلاف سنڌ ۾ اچڻ تي پابندي لڳائي وڃي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here