سپريم ڪورٽ اصغر خان ڪيس بند نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

40
0
SHARE

سپريم ڪورٽ اصغر خان ڪيس بند نه ڪرڻ جو فيصلو ڪندي 25 جنوري تي بچاءُ واري سيڪريٽري کي طلب ڪري ورتو آهي، چيف جسٽس ميان ثاقب نثار رمارڪس ڏنا آهن ته ايف آءِ اي ڪيس جو فائل بند ڪرڻ جي استدعا ڪئي آهي اسان ڪيئن عدالتي حڪم کي ختم ڪري ڇڏيون، فوج به عدالتي دائري ۾ اچي ٿي.

اصغر خان عملدآمد ڪيس جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ ۾ ٿي، جنهن دوران فيصلو ڪيو ويو ته اصغر خان ڪيس بند نه ڪيو ويندو، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ايف آءِ اي ڪيس بند ڪرڻ جي استدعا ڪئي آهي پر اسان ڪيئن عدالتي حڪم ختم ڪري ڇڏيون.معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪرائينداسين.

چيف جسٽس وڪيل سلمان اڪرم راجا کي چيو ته اوهان عدالت جي مدد ڪيو ته ڪيس کي ڪيئن اڳتي وڌايو وڃي، چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو ته هڪ فيصلو آيو ۽ هاڻي عملدرآمد وقت ائين ٿي رهيو آهي. چيف جسٽس چيو ته ڪجهه ماڻهن کي ان معاملي کان ڌار ڪرڻ جي تجويز هئي، اصغر خان جي وڪيل وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته ائين نه ٿيڻ گهرجي، هڪ شخص چوي ٿو ته ها مان پيسا ورهايا.چيف جسٽس چيو ته ان کانپوءِ ڇا ٿو رهي، اصغر خان جون ڪوششون ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين، ڪيس بند ڪرڻ واري معاملي ۾ اصغر خان جي خاندان کي اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو.چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن ايف آءِ اي وٽ اختيار ناهن ته ٻئي اداري کان جاچ ڪرائي ٿا وٺون.

چيف جسٽس چيو ته فوج جي ملوث ماڻهن خلاف ملٽري ڪورٽ ٽرائل ڪري رهي آهي، سول ماڻهن خلاف ڌار ٽرائل ٿي رهيو آهي.

چيف جسٽس چيو ته الڳ الڳ جاچ سان ڪيئن حتمي نتيجي تي پهچنداسين، چيف جسٽس چيو ته ڪابينا چيو هو ته هنن جو ٽرائل ملٽري ڪورٽ ڪندي.چيف جسٽس چيو ته اسان کي خبر ناهي ته ملٽري وارا ڪهڙي ڪارروائي ڪري رهيا آهن، ڇو نه انهن کان به رپورٽ طلب ڪري وٺون، ائين نه سمجهو وڃي ته فوج وارا عدالتي اختيارن جي دائري کان ٻاهر آهن، مان چيف جسٽس جي حيثيت ۾ انهن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اهو سڀ اسان جي اختيار ۾ آهي.سپريم ڪورٽ بچاءُ واري سيڪريٽري کي طلب ڪندي اصغر خان ڪيس جي ٻڌڻي 25 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ چيو ته بچاءُ وارو سيڪريٽري اچي ٻڌائي ته هن ڪيس ۾ جن فوجي آفيسرن جا نالا هئا، انهن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وئي، عدالت کي انهن فوجي آفيسرن بابت ڪيل ڪارروائي جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here