عمران خان جو ڀيڻ عليما خان جي ڪاروبار سان ڪو تعلق ناهي:نعيم الحق

9
0
SHARE

اسلام آباد:وزيراعظم عمران خان جي خاص صلاحڪار نعيم الحق جو چوڻ آهي ته عمران خان جو ڀيڻ عليما خان جي ڪاروبار سان ڪو تعلق ناهي ۽ نه ئي سندس اثاثن بابت ڄاڻ اٿس، عليما خان کي پيغام ڏنو ويو آهي ته ملڪيت وارو معاملو ڪليئر ڪري. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي نعيم الحق جو مهانگائي بابت چوڻ هو ته کائڻ پيئڻ جي اهم شين جي اگهن ۾ واڌ ناهي ٿي، مارڪيٽ ۾ ڀاڄين جا ڍير لڳا پيا آهن. هن چيو ته نظام ۾ خرابي جي ڪري هڪ ڏينهن ۾ ڪم ٿيڻ بدران ڪيترائي ڏينهن لڳي ٿا وڃن، شهباز شريف کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين بڻائڻ کانپوءِ ٻين ڪميٽين به ڪم شروع ڪري ڏنو آهي. وزيراعظم جي ڀيڻ بابت سوال تي سندس چوڻ هو ته عمران خان جو ڀيڻ عليما خان جي ڪاروبار سان ڪو تعلق ناهي ۽ نه ئي سندس اثاثن بابت ڄاڻ اٿس…

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here