شهباز شريف کي پي اي سي چيئرمين بڻائڻ خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

32
0
SHARE

اسلام آباد: مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين بڻائڻ خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ داخل رخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جو جسٽس شاهد وحيد مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين بڻائڻ خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪندو. شهباز شريف خلاف درخواست جاويد اقبال قاضي پاران داخل ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ موقف ڄاڻايو ويو آهي ته احتساب جو عمل شفافيت جي بنياد تي انجام ڏئي سگهجي ٿو، ڪرپشن جي الزامن ۾ گرفتار جوابدار کي ڪميٽي جو چيئرمين بڻائي نٿو سگهجي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here