جر جي پاڻي جي استعمال واري ڪيس ۾ صوبن ۽ وفاق جون رپورٽون رد

10
0
SHARE

اسلام آباد:سپريم ڪورٽ جر جي پاڻي جي استعمال واري ڪيس ۾ صوبن ۽ وفاق طرفان جمع ڪرايل رپورٽس رد ڪري ڇڏيون، چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ان موقعي تي جر جي پاڻي جي استعمال تي صوبن طرفان ٽيڪس لڳائڻ ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ تي چيف جسٽس سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت پاڻي بابت صوبن طرفان کنيل قدمن تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته بار بار چيو آهي ته پاڻي بابت جنگي بنيادن تي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، ڪوئيٽا ۾ جر جو پاڻي 12 سئو فوٽن تائين هليو ويو آهي ۽ گوادر ۾ پيئڻ جو پاڻي به ناهي رهيو. سيڪريٽري لا اينڊ جسٽس ڪميشن عدالت کي ٻڌايو ته اڃا تائين صوبن طرفان ڪي به قدم ناهن کنيا ويا ۽ نه ئي ان حوالي سان آگاهي مهم هلائي پئي وڃي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته پاڻي ناياب ٿي ويو، اڳتي سون جي قيمت ۾ به نه ملندو، اوهان ماڻهن جي نه سٺي نيت آهي ۽ نه ئي اوهان ۾ ڪا صلاحيت آهي، آئون چوندو آهيان ته خبرون لڳي وينديون آهن. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته منرل واٽر ڪمپنيون پاڻي استعمال ڪري رهيون آهن، ٻڌايو وڃي صوبن ۽ وفاق ڪهڙو مڪينزم ٺاهيو آهي. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب چيو ته وڏي وزير ۽ ڪابينا کي سمري اماڻي ڇڏي آهي. جسٽس اعجاز الاحسن چيو بوتل جي پاڻي کانسواءِ صنعتن ۾ پاڻي جي استعمال جي قيمت جو به تعين ٿيڻ گهرجي. چيف جسٽس چيو ته صنعتون استعمال ٿيل پاڻي کي ٻيهر استعمال جوڳو بڻائين، لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جي سٺي تجويز آهي ته مسجد ۾ وضو جي استعمال جو پاڻي ٻين ڪمن ۾ استعمال ڪيو وڃي. سپريم ڪورٽ جمع ڪرايل رپورٽس رد ڪندي سفارشن تي شق وار جواب طلب ڪري ورتو ۽ چيو ته سمورا صوبا ۽ وفاق ٻن هفتن ۾ عملي قدم کڻي جواب ڏين………

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here