ايف بي آر ۾ پيش نه ٿيندڙن جون ملڪيتون ضبط ڪيون وڃن: چيف جسٽس

32
0
SHARE

اسلام آباد: چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار پرڏيهي اثاثن واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا آهن ته جيڪي ماڻهو ايف بي آر ۾ پيش نه ٿيا، انهن جون ملڪيتون ضبط ڪيون وڃن. چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ پرڏيهي اثاثن ۽ بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ايف آءِ اي 895 ماڻهن جي ڊيٽا ڏني هئي، جن جون دبئي ۾ 1365 ملڪيتون آهن، هن وقت تائين رڳو 27 ماڻهن ادائيگيون ڪيون آهن ۽ انهن کان 270 ملين کان وڌيڪ رڪوري ٿي چڪي آهي، دبئي ملڪيتن تي 768 ملين کان وڌيڪ رڪوريون ٿينديون، 116 ماڻهن ايمنسٽي اسڪيم مان فائدو ورتو، هنن 38 ارب رپين جون ملڪيتون ظاهر ڪيون، 125 ماڻهو ايف بي آر ۾ پيش نه ٿيا، عليما خان ايمنسٽي اسڪيم ۾ ملڪيت ظاهر نه ڪئي. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته جيڪي ڄاڻ ڏني وئي، ان مطابق ايف بي آر جي رڪورين جي رفتار گهٽ آهي، ايف بي آر کي شريفن جو ٿاڻو چيو ويندو آهي، هن وقت تائين شريفن کي اندر ويهارڻو گهرجي ها، جيڪي ماڻهو ايف بي آر ۾ پيش ناهن ٿيا انهن جون ملڪيتون ضبط ڪري ڇڏيو، جيڪي ماڻهو پرڏيهه ۾ ملڪيتن کي مڃي ويٺا آهن اهي ڏنڊ ادا ڪن ته پاڪستان جي حالت بهتر ٿئي، عدالت نوٽيس نه وٺي ها ته ايف بي آر اڄ به ويٺل هجي ها.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here