ڏکڻ آفريقا ٽئين ٽيسٽ مئچ ۾ پاڪستان کي 107 رنسن تان هارائي سيريز ۾ ڪلين سوئيپ ڪري ورتو

49
0
SHARE

ڏکڻ آفريقا ٽئين ٽيسٽ مئچ ۾ پاڪستان کي 107 رنسن تان هارائي سيريز ۾ ڪلين سوئيپ ڪري ورتو.

جوهانسبرگ ٽيسٽ مئچ کٽڻ لاءِ 381 رنسون  ٺاهڻ جي چڪر ۾ قومي ٽيم ڏکيائين جو شڪار رهي.

جوهانسبرگ ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن قومي ٽيم 3وڪيٽن جي نقصان تي 153 رنسن تان اننگز جي شروعات ڪئي ته اسد شفيق 48۽ بابر اعظم 17رنسن سان ڪريز تي موجود هئا.

ٻنهي بيٽسمينن محتاط انداز اختيار ڪيو پر بابراعظم 21 رنسن جي انفرادي اسڪور تي آئوٽ ٿي ويو جنهن کانپوءِ آيل ڪپتان سرفراز احمد به کاتو کولڻ کانسواءِ  واپس هليو ويو.

اسد شفيق پروٽيز بالرز آڏو ڪجهه مزاحمت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هــُو به 179 رنسن جي مجموعي اسڪور تي همت هارائي ويٺو، هنن 11 چوڪن جي مدد سان 65 رنسن جي اننگز کيڏي.

بعد ۾ امام الحق 35 ۽ حسن علي 22 رنسون ٺاهيون جڏهن ته شاداب خان 46 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

ڏکڻ آفريقا طرفان رباڊا ۽ اوليويئر ٽن ٽن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته ڊيل اسٽين ٻن ۽ فلينڊر هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

جوهانسبرگ ٽيسٽ ۾ 107رنسن تان شڪست کانپوءِ ڏکڻ آفريقا پاڪستان کي ڪلين سوئپ ڪري ڇڏيو.

جوهانسبرگ ۾ کيڏيل آخري ٽيسٽ مئچ ۾ به ڏکڻ آفريقا پاڪستان کي شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي

ڏکڻ آفريقا پاڪستان کي ٽيسٽ سيريز ۾ ڪلين سوئيپ ڪري ڇڏيو

ڏکڻ آفريقا پاڪستان کي 381 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو ، پاڪستاني ٽيم 273 رنسن تي ڍير  ٿي وئي

ڏکڻ آفريقا ٽئين ٽيسٽ مئچ ۾ پاڪستان کي 107 تان هارائي ڇڏيو

پاڪستان طرفان اسد شفيق 65، شان مسعود 37 رنسون ٺاهيون

امام الحق 35، شاداب خان 47 ۽ حسن علي 22 رنسون ٺاهيون

ڏکڻ آفريقا ٽن مئچز جي سيريز ۾ ٽي – ٻڙي تان ڪاميابي حاصل ڪئي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here