جيترا به قدم کنيا اهي اختيارن کان وڌيڪ نه هئا: چيف جسٽس ثاقب نثار

46
0
SHARE

اسلام آباد:چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار چيو آهي ته جيترا به قدم کنيا اهي اختيارن کان وڌيڪ نه هئا. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته عدليا عوام جو اعتماد حاصل ڪيو آهي، 85 سيڪڙو ڪيس اُڪلايا ۽ عوام کي رليف فراهم ڪيو. چيف جسٽس چيو ته هنن جيڪي به قدم کنيا اُهي حدن ۾ رهي ڪري کنيا هئا ۽ قانون جي دائري ۾ رهي انتظاميا کي هدايتون ڏنيون، جڏهن صحت جي شعبي صحيح ڪم نه ڪيو ته ان جي رهنمائي ڪئي. جسٽس ميان ثاقب نثار چيو ته انتظاميا طرفان ڪرپشن يا اختيارن کان اورانگهڻ وارا ڪيس عدالت ۾ آيا، انهن ڪيسن کي عدالت حل ڪيو ۽ ايگزيڪيوٽو کي ٻيهر ايئن ڪرڻ کان منع ڪيو. چيف جسٽس چيو ته وقت سان گڏ پوليس ۾ سڌارا نه آندا ويا ۽ اي ڊي خواجا ڪيس کان اڳ پوليس سڌارن تي ڌيان نه ڏنو ويو هو، انصاف جي نظام لاءِ اڃا گهڻو ڪم ڪرڻو آهي، کيس يقين آهي ته پوليس سڌارن لاءِ ڪميٽي جي سفارشن کي قانوني شڪل ڏني ويندي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here