مهمند ڊيم جو ٺيڪو تمام وڏو سواليه نشان بڻجي ويو آهي: شهباز شريف  

39
0
SHARE

اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف چيو آهي ته مهمند ڊيم جي اڏاوت سٺو سنئوڻ آهي پر ان جو ٺيڪو تمام وڏو سواليه نشان بڻجي ويو آهي. قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي شهباز شريف جو چوڻ هو ته جڏهن هنن کي حڪومت ملي ته اُن وقت ملڪ ۾ 20 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي ، سندن حڪومت جنگي بنيادن تي لوڊشيڊنگ جو مسئلو حل ڪيو ۽ انتهائي شفاف طريقي سان 3600 ميگاواٽ جا 3 بجلي گهر لڳايا ويا. شهباز شريف جو چوڻ هو ته آبي ذخيرا ٺاهڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، ڊيم انتهائي اهميت رکن ٿا، نواز شريف مهمند ڊيم لاءِ 2 ارب رپيا رکيا ، ديامير ڀاشا ڊيم لاءِ زمين هنن جي حڪومت ۾ 100 ارب رپين جي خريد ڪئي وئي. هن چيو ته مهمند ڊيم جي اڏاوت سٺو سنئوڻ آهي پر مهمند ڊيم جو ٺيڪو وڏو سواليا نشان بڻيل آهي، مهمند ڊيم جو ٺيڪو ڏيڻ جو فيصلو پي آءِ ٽي جي حڪومت ۾ ڪيو ويو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here