اپوزيشن کي ڪجهه نه مليو ته مفادن جو تڪرار اٿاري ڇڏيو :فيصل واوڊا

11
0
SHARE

اسلام آباد:پاڻي وسيلن بابت وفاقي وزير فيصل واوڊا جي تقرير کان اڳ ئي مخالف ڌر جماعتن جو قومي اسيمبلي جي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪيو، فيصل واوڊا جو چوڻ آهي ته اپوزيشن کي ڪجهه نه مليو ته مفادن جو تڪرار اٿاري ڇڏيو، پاڪستان جا مسئلا حل ٿي ويا ته اپوزيشن جي سياست دفن ٿي ويندي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ اُن گوڙ پيدا ٿيو جڏهن ته اپوزيشن ليڊر شهباز شريف ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي تقرير کانپوءِ وفاقي وزير فيصل واوڊا خيالن جو اظهار ڪرڻ لاءِ اٿي بيٺو. فيصل واوڊا جي تقرير شروع ٿيندي ئي اپوزيشن جماعتن، قومي اسيمبلي جي اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو پر وفاقي وزير پنهنجي تقرير جاري رکي. فيصل واوڊا جو چوڻ هو ته اپوزيشن ليڊر پنهنجي تقرير دوران مهمند ڊيم لاءِ سنگل بڊنگ جي نشاندهي ڪئي پر شايد پيمرا رولز انگريز ۾ هجڻ ڪري کيس سمجهه ۾ نه آيو، مستقبل ۾ هو پيمرا رولز جو اردو ۾ ترجمو ڪرائيندو. سندس چوڻ حو ته بي ايماني ۽ بربريت سان هن ملڪ کي لٽيو ويو، 54 سالن کان هي منصوبو فائلن ۾ هو. وفاقي وزير چيو ته اپوزيشن کي ڪجهه نه مليو ته مفادن جو تڪرار اٿاري ڇڏيو ، پاڪستان جا مسئلا حل ٿيا ته اپوزيشن جي سياست دفن ٿي ويندي. سندس چوڻ هو ته اپوزيشن وارن ۾ جواب ٻـُڌڻ جي همت ناهي، انهن ماڻهن لاءِ جيل آهي يا جلاوطني. فيصل واوڊا جي تقرير دوران پ پ ميمبر شگفتا جماڻي ڪورم جي نشاندهي ڪئي جنهن تي اسپيڪر، فيصل واوڊا جي تقرير کي روڪرائي ميمبرن جي ڳڻپ شروع ڪرائي. ان کان اڳ پاڻي واري وفاقي وزير فيصل واوڊا طرفان اڏاوت هيٺ ۽ تعمير لاءِ رٿابندي جي مختلف مرحلن مان گذرندڙ ڊئمز بابت تفصيل قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪرايا، جنهن ۾ ڪالاباغ ڊئم رٿا کي به شامل ڪيو ويو آهي. تفصيلن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اڏاوت هيٺ ڊئمز مان ڪالاباغ ڊئم ۾ 6 ڏهائي 10 ملين ايڪڙ فُٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش آهي، جڏهن ته وندر ڊئم ۾ ڏهائي 36 ۽ نولانگ ڊئم ۾ ڏهائي 20 ايم اي ايف پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش آهي. فيصل واوڊا طرفان قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪرايل تفصيلن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نئين گاج ڊئم به اڏاوت هيٺ آهي، جنهن ۾ ڏهائي 16 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي گڏ ڪرڻ جي گنجائش هوندي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here