اسان نيب چيئرمين ڏانهن ڇو وڃون، کيس پاڻ پارليامينٽ ۾ اچڻ گهرجي:آصف زرداري

32
0
SHARE

 اسلام اباد: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري نيب چيئرمين کي پارليامينٽ ۾ گهرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته هوُ نيب چيئرمين ڏانهن ڇو وڃن، هن کي پاڻ پارليامينٽ ۾ پيش ٿيڻ گهرجي، حڪومت کي صلاح ڏجي ٿي ته نيب کي ٽائيٽ ڪري ته جيئن ملڪ هلي سگهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته کيس نيب جو ڪوبه ڊپ ناهي، هن نيب جهڙا گهڻا ئي ادارا ڏٺا آهن، اڳ به نيب آڏو پيش ٿيو ۽ هاڻ به ٿيندو رهندو، هو ۽ سندس ڪٽنب جي آءِ ٽي کي منهن ڏئي رهيو آهي، پر فڪر توهان جهڙن جي آهي، جيڪڏهن توهان کي گهرائڻو پيو ته توهان جو ڇا ٿيندو ؟ آصف علي زرداري اسان کي پارليامينٽ کي عزت ڏيڻي آهي ۽ ان کي مضبوط ڪرڻي آهي، پارليامينٽ ۾ نون دوستن کي سيکارڻو آهي، اسين پارليامينٽ ۽ جمهوريت لاءِ ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا، مريم نواز يا ڪنهن ٻي نياڻي کي جيل ۾ ڏسڻ نٿا چاهيون. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ تي چيف جسٽس جو هو ٿورائتو آهي، نواز شريف يا مسلم ليگ ن کي رليف ملڻ تي به خوشي آهي اڳوڻي صدر چيو ته سنڌ جو عوام پاڻي لاءِ مري رهيو آهي، ٺٽي ۾ 9 لک ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي، ملڪي بدتر معاشي حالتن ۾ پاڪستان سنڀالي نٿو سگهجي. آصف علي زرداري چيو ته اڄڪلهه بنا سوچي سمجهي فيصلا ڪيا پيا وڃن، اڄ پنهنجا سامونڊي اڏا ڏئي چين کي چيو پيو وڃي ته اسان جا بارڊر توهان جا بارڊر آهن، پر ڏکي وقت ۾ چين به توهان کي بچائي نه سگهندو. ڪابه ٻاهرين طاقت توهان کي نه بچائي سگهندي، ڇاڪاڻ ته هر ڪو پنهنجي ملڪ جو سوچيندو آهي. آصف علي زرداري چيو ته حڪومت کي 6 مهينا ٿي ويا آهن، پر اڃا تائين ذڪر جوڳو ڪم نه ٿيو، ڊالر چڙهندو پيو وڃي، اسٽاڪ ايڪسچينج کان 50 ارب ڊالر گم ٿي ويا آهن، حڪومت جو ڪوبه ادارو ڪم نه پيو ڪري، انهن جي حڪومت کي اڏوهي کائي رهي آهي، اسان ان حڪومت کي نه ڪيرائينداسين، اها ته پاڻ ئي ڪرڻي آهي، گهري پني ورتل حڪومت الائي گهڻا ڏينهن هلي سگهندي…….

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here