بلوچستان اسيمبلي ۾ سينيٽ جي خالي سيٽ تي ٿيل چونڊن ۾ منظور ڪاڪڙ ڪامياب

36
0
SHARE

بلوچستان اسيمبلي ۾ سينيٽ جي خالي سيٽ تي ٿيل چونڊن ۾ بلوچستان عوامي پارٽي جو منظور ڪاڪڙ ڪامياب ٿي ويو، منظور ڪاڪڙ 38 ووٽ حاصل ڪيا.

پختون خواهه ملي عوامي پارٽي جي سينيٽر اعظم خان موسيٰ خيل جي لاڏاڻي کانپوءِ خالي ٿيل سينيٽ جي سيٽ تي بلوچستان اسيمبلي ۾ پولنگ ٿي جنهن ۾ اسيمبلي ميمبرن پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو.

تحريڪ انصاف جي پارلياماني اڳواڻ سردار يار محمد رند ۽ نواز ليگ جي نواب ثناءُ الله زهري ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ نه آيا.

سينيٽ جي سيٽ لاءِ 5 اميدوار ميدان ۾ لٿل هئا، جن ۾ بلوچستان عوامي پارٽي جو منظور ڪاڪڙ، نون ليگ جو نسيم الرحمان خان، بي اين پي مينگل جو غلام نبي، پختون خواهه ميپ جو محمد حنيف ۽ اي اين پي جو عنايت الله شامل آهن.

صوبائي اليڪشن ڪمشنر غلام اسرار خان، نتيجن جو اعلان ڪندي ٻڌايو ته سينيٽ جي خالي سيٽ تي 65 ميمبرن جي ايوان مان 63 ڄڻن ووٽ ڪاسٽ ڪيو جن مان هڪ ووٽ رد ٿيو.

سينيٽ چونڊن ۾ بلوچستان عوامي پارٽي جي اميدوار منظور ڪاڪڙ 38 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي.

بي اين پي جَي غلام نبي مري 23 ووٽ ۽ پشتون خواهه ميپ جي محمد حنيف کي هڪ ووٽ مليو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here