ايل ڊي اي سٽي جي بربادي مفادن جي ٽڪراءُ جو نتيجو آهي :سپريم ڪورٽ

40
0
SHARE

اسلام آباد:سپريم ڪورٽ اورنج لائن منصبوبي بابت ورتل پاڻمرادو نوٽيس ڪيس اڪلائيندي رمارڪس ڏنا آهن ته ايل ڊي اي سٽي جي بربادي مفادن جي ٽڪراءُ جو نتيجو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ اورنج لائن منصوبي بابت ورتل پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ان دوران اڏاوتي ڪمپنين جا نمائندا عدالت ۾ پيش ٿيا ۽ هڪ ارب رپئي جي بئنڪ گارنٽي جمع ڪرائي. عدالت ايل ڊي اي پاران ڏنل چاليهه ۽ سٺ ڪروڙ جا چيڪ اڏاوتي ڪمپنين حوالي ڪيا. جسٽس اعجاز الاحسن پڇاڻو ڪيو ته لاهور ڊولپمينٽ اٿارٽي جي بورڊ ۾ پراپرٽي ڊيلرن کي ڇو وڌو ويو؟ هي ته سنئون سڌو مفادن جو ٽڪراءُ آهي. ايل ڊي اي جي وڪيل اظهر صديق چيو ته بورڊ ۾ پراپرٽي ڊيلر جي شامل ٿيڻ جي ڄاڻ ناهي، پر هائوسنگ سوسائٽين سان گڏ ڪم ڪرڻ وارن کي بورڊ جو ميمبر بڻايو ويو آهي. چيف جسٽس چيو ته ايل ڊي اي سٽي جي بربادي به مفادن جي ٽڪراءُ جو نتيجو آهي، مفادن جي ٽڪراءُ جو ڪيس آيو ته جائزو وٺنداسين. سپريم ڪورٽ ان موقعي تي اورنج لائن منصوبي بابت ورتل پاڻمرادو نوٽيس ڪيس اڪلائي ڇڏيو….

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here