وزيراعظم ڪٺ پتلي آهي،جيڪو  نواز شريف جي اشارن تي هلي پيو :نعيم الحق

5
0
SHARE

اسلام آباد:پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ نعيم الحق چيو آهي ته وزيراعظم ڪٺ پتلي آهي،جيڪو  نواز شريف جي اشارن تي هلي پيو،اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نعيم الحق چيو ته حڪومت جو اخلاقي، سياسي ۽ معاشي ڏيوالو نڪري چڪو آهي،هن چيو ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي نواز شريف جي اشارن تي هلي ٿو،سندس چوڻ هو ته فاٽا کي ڪي پي پي ۾ ضم ٿيڻو آهي، ان کي جلد يقيني بڻايو وڃي،پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته عمران خان فاٽا وارو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ کڻي وڃڻ جي هدايت ڪئي هئي،نعيم الحق چيو ته ملڪ جي معيشت متاثر ٿي آهي، تنهن ڪري هو چونڊن جو مطالبو ڪري رهيا آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here