پاڪستان پيپلز پارٽي فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ جي مخالفت جو اعلان ڪري ڇڏيو

38
0
SHARE

پيپلز پارٽيءَ فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ جي مخالفت جو اعلان ڪندي وفاق کان ڏکڻ پنجاب کي بنا دير صوبو ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، پ پ اڳواڻن جو چوڻ آهي ته 18هين ترميم تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي، سازش ڪندڙ ڀلي سازشون ڪن پ پ عوام جي خدمت ڪندي رهندي، نالا اي سي ايل مان ڪڍي پ پ تي احسان ناهي ڪيو ويو، اميد آهي ته نئون چيف جسٽس، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو قتل ڪيس اُڪلائيندو.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري  ۽ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ پارٽي اڳواڻن جو اهم اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال سوڌو ٻين معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو.

اجلاس ۾ اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني، فريال ٽالپر، رضا رباني، چوڌري منظور، خورشيد شاهه، اعتزاز احسن، راجا پرويز اشرف، نويد قمر، وڏو وزير مراد علي شاهه، نثار کهڙو، سعيد غني ۽ مرتضيٰ وهاب شريڪ ٿيا.

اجلاس کانپوءِ پارٽي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو ته پ پ فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ جي مخالفت ڪندي.

هن چيو ته ڏکڻ پنجاب کي محدود اختيارن جي خيرات نه پر مڪمل صوبو ٺاهيو وڃي.

يوسف رضا گيلاني چيو ته 18هين ترميم تي ڪا سوديبازي نه ڪئي ويندي، 18هين ترميم تي هنن سمورين پارٽين سان صلاح مشورا ڪيا هئا، ننڍن صوبن ۾ محرومي جو احساس هو، هنن ان کي ختم ڪيو.

يوسف رضا گيلاني چيو ته سمورن ميمبرن گڏجي 73 جي آئين کي بحال ڪيو، هـُو 18هين ترميم جو دفاع ڪندا، 18هين ترميم خلاف وفاقي حڪومت ڪجهه ادارا واپس وٺي رهي آهي، وفاقي حڪومت جي ادارن کي واپس وٺڻ جي مذمت ڪيون ٿا.

هن چيو ته پ پ سدائين عدالتن کي منهن ڏنو آهي ۽ باعزت بري ٿيا، نئين چيف جسٽس مان اميد آهي ته ڀٽو صاحب جو ڪيس حل ڪندو.

سندس چوڻ هو ته انساني حقن تي عمل لاءِ پارليامينٽ ۾ آواز اٿاريو ويندو، پ پ اصولن جي سياست ڪندي آهي، ڪنهن دٻاءَ ۾ ناهي ايندي، جيڪو ڪجهه قومي مفاد ۾ هوندو اهو ڪندا.

ان موقعي تي فرحت الله بابر چيو ته عوام جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ تي نيب طرفان ڌمڪايو پيو وڇي، بلاول عوام جي حقن جي ڳالهه ڪئي ته جي آءِ ٽي ٺاهي وئي.

هن چيو ته بنا دير ڏکڻ پنجاب کي صوبو ٺاهيو وڃي.

صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو ته سازش ڪندڙ ڀلي سازشون ڪن ، پ پ عوام جي خدمت ڪندي رهندي، نالا اي سي ايل مان ڪڍي پ پ تي احسان ناهي ڪيو ويو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here