ٻي ون ڊي مئچ، پاڪستان جو ڏکڻ آفريقا کي 204 رنسن جو ٽارگيٽ

82
0
SHARE

پاڪستان ڏکڻ آفريقا کي سيريز جي ٻي ون ڊي مئچ کٽڻ لاءِ 204 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو آهي.

ڊربن جي ڪنگز ميٽ ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ڏکڻ آفريقا جي ڪپتان فاف ڊوپليسي ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو سندس بالرن درست ثابت ڪيو ۽ پاڪستان جي پوري ٽيم 46هين اوور ۾ 203 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.

32هين اوور ۾ پاڪستان جون 7 وڪيٽون 112 رنسن تي ڪِري پيون هيون پر ان موقعي تي حسن علي ۽ سرفراز احمد نائين وڪيٽ جي ڀائيواري ۾ 90 رنسون ٺاهيون.

202 رنسن تي سرفراز احمد 41 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته حسن علي ساڳي ئي اوور جي پنجين بال تي ڇڪو هڻڻ جي ڪوشش ۾ ڪيچ آئوٽ ٿي ويو، هن 59 رنسن جي اننگز کيڏي.

اوپنر امام الحق 5، فخر زمان 26، بابراعظم 12، محمد حفيظ 9، شعيب ملڪ 21، شاداب خان 18، حسين طلعت 2 ۽ فهيم اشرف بنا ڪنهن رنس جي آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته شاهين شاهه آفريدي هڪ رنس تي ناٽ آئوٽ رهيو.

ڏکڻ آفريقا طرفان انديل فيلو ڪوايو 22 رنسون ڏئي 4 جڏهن ته تبريز شمسي 56 رنسون ڏئي 3 وڪيٽون حاصل ڪيون.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here